روح راضي ڪجي - شيخ اياز شاعري

روح راضي ڪجي

روح راضي ڪجي
ياد تازي ڪجــــي

دل ٿي چاهي وري
يـــاد تازي ڪجـي

من هو پرچي پوي
آزي نيازي ڪجي

ڇـــو ڀـــلا پيـــار ۾
جلد بازي ڪجي

نيت سجدا هجن
دل نمازي ڪـجي

"شهر مجرم سڄــو” اياز
ڪنهن کي قاضي ڪجي

شيخ اياز

Post a Comment

0 Comments