روح راضي ڪجي - شيخ اياز شاعري
روح راضي ڪجي
روح راضي ڪجي
ياد تازي ڪجــــي
دل ٿي چاهي وري
يـــاد تازي ڪجـي
من هو پرچي پوي
آزي نيازي ڪجي
ڇـــو ڀـــلا پيـــار ۾
جلد بازي ڪجي
نيت سجدا هجن
دل نمازي ڪـجي
"شهر مجرم سڄــو” اياز
ڪنهن کي قاضي ڪجي
Comments
Post a Comment