جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي
آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اتي آ
هو کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي
لالڻ! نوان لڪن ۾، نڪتا نياڻ آهن
ايندا جتي لُڪن ۾، پانڌيئڙا پياسي
هي شام جو مياڻي، هي سون رن پاڻي
تڙ تي ٻه چار ڏيئا، نڙ تي ٻه چار لاسي
منهنجي اڪير ڇا هي؟ هي چٽ چيت من ۾
مندر، اداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي
جي وک کي وڌائين، اڄ ماڳ ڏور ناهي
ڏونگر ڏري پيو آ، ساهس ته ڌار ساسي
شیخ ایاز
0 Comments